چڪر (راند)

چڪر (راند)

چڪر (راند)

چڪر (راند): چڪر راند ٿر ۾ نوجوان توڙي مرد اڪثر دهل جي تال تي تلوار سان ڪندا آهن. هن راند ۾ رانديگر دهل جي واڄي تي تلوار کي مٿان ۽ پاسي کان گذاريندو تڪڙو تڪڙو گهمائيندو آهي ۽ گڏوگڏ بدن کي موڙيندو، پير هلائيندو، پندرهن، ويهه فوٽ سڌو اڳتي وڃي ۽ وري ڦيرا کائيندو پوئين پير ساڳئي هنڌ موٽي ايندو آهي. هن راند ۾ رانديگر تلوار کي خوب مهارت سان ڦيرائيندو آهي، جنهنڪري ڏسندڙ حيرت ۾ پئجي ويندا آهن. اهڙيءَ ريت واري واري سان سمورا رانديگر هن فن جو مظاهرو ڏيکاريندا آهن. ڪن هنڌن تي تلوار جي جاءِ تي اڪ جي ڪاٺي تلوار وانگر گهڙائي به هيءَ راند رچائي ويندي آهي. ٿر ۾ گهڻو ڪري هيءَ راند راجپوت ڪندا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو